شهيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري

شهيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري: ننڍي کنڊ جو وڏو عالم، محقق، اسلامي علمن جو ماهر، تفسير ۽ حديث جو امام، فقھ ۽ اصول ۾ مجتهد، شهيد ثالث علامه قاضي سيد نورالله شوستري عليه رحمه، اڪبر بادشاهه جي دور ۾ قاضي القضاة جي عهدي تي فائز هو. هي ايران جي مشهور شهر شوستر ۾ 956 هه/ 1549ع ۾ ڄائو. علمي، ادبي ۽ روحاني گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ ڪري ديني منزلت ۽ روحاني عظمت سان گڏ کيس دنياوي دولت، عزت، شهرت، منصب ۽ رياست سڀ ڪجهه حاصل هو. ابتدائي تعليم پنهنجي پيءُ مير سيد محمد شريف کان حاصل ڪيائين. شهيد ثالث جو شجرو حضرت علي عليه سان وڃي ملي ٿو.
شهيد ثالث ابتدائي تعليم حاصل ڪري ننڍپڻ ۾ ئي شوستر شهر جي مشهور عالم استادن مير صفي الدين محمد ۽ مير جلال الدين محمد صدر منتهي جي ڪتابن کي پڙهڻ لڳو. ماهه ربيع الاول 980 هه/ آگسٽ 1572ع ۾ هي شوستر کان روانو ٿيو ۽ پهرين رمضان 980هه/15 جنوري 1573ع ۾ مشهد مقدس ۾ وارد ٿيو. هي اسلام جي تبليغ خاطر شوال المڪرمه 992هه/ 6 آڪٽوبر 1584ع ۾ 36 سالن جي عمر ۾ هندستان روانو ٿيو. هندستان پهچي هي گري شهر ۾ حڪيم ابو الفتح گيلانيءَ وٽ مهمان ٿيو. شهيد ثالث جي علمي ۽ روحاني فضيلت جو ٻڌي اڪبر بادشاهه کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ ملاقات ڪيائين. اڪبر بادشاهه سندس علمي ۽ روحاني شخصيت مان ايترو ته متاثر ٿيو، جو کيس قاضي القضاة جي عهدي تي مقرر ڪيائين. شهيد ثالث اڪبر بادشاهه جو ڏنل عهدو قاضي القضاة ان شرط تي قبول ڪيو ته هو حقيقي اسلامي قانون مطابق فيصلا ڪندو ۽ ڪنهن جي به مداخلت برداشت نه ڪندو. اهو شرط اڪبر بادشاهه قبول ڪيو. شهيد ثالث پنهنجي علمي قابليت مطابق چئني مسلڪن حنفي، شافعي، مالڪي ۽ حنبلي وارن جا فيصلا سندن فقھ مان ڪندو هو ۽ اهل تشيع وارن جا فيصلا فقھ جعفريه مان ڪندو هو. اهو ڏسي ٻيا درٻاري اڪبر بادشاهه جا ڪن ڀرڻ لڳا، پر اڪبر بادشاهه انهن جي ڳالهه کي هميشه اڻٻڌو ڪري ڇڏيندو هو. شهيد ثالث پنهنجي عهدي تي ويهي حقيقي اسلامي شريعت مطابق اهڙا ته منصفاڻه فيصلا ڪيا، جو هر خاص و عام سندس واکاڻ ڪندو رهندو هو.
علامه شهيد ثالث ڪيترائي ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيا ۽ فارسي شاعري پڻ ڪيائين. سند تخلص ‘نوري’ هو. مخالفن جا رد به لکيائين. جيئن ميرزا مخدوم هڪ ڪتاب ‘نواقض الروافض’ لکيو. علامه صاحب ان جو رد ‘مصائب النواصب’ نالي لکيو. ابن روز بهان ‘ابطال الباطل’ ڪتاب علامه حلي جي تصنيف ‘ڪشف الحق و نهج الصدق’ جي رد ۾ لکيو. اهو ڏسي علامه شهيد ثالث انهيءَ جو جواب ‘احقاق الحق’ نالي لکيو ۽ ان کان سواءِ علامه ابن حجر جي تاليف ‘صواعق محرقه’ جو رد ‘صوارم مهرقه’ نالي لکيو. انهن کان سواءِ ننڍي کنڊ جي نامور محققن، عالمن ۽ شاعرن جي سوانح حيات تي هڪ ناياب تذڪرو ‘مجالس المومنين’ جي نالي سان لکيائين. علامه شهيد ثالث جي علمي قابليت، عزت ۽ شهرت ۽ مقام ڏسي ڪري درٻار جا ٻيا عالم سبب ڳولڻ لڳا ته ڪيئن به هن کي قتل ڪرائجي. درٻاري مخالف عالمن ڪيترائي ڀيرا اڪبر جا ڪن ڀريا، پر هو انهن جي ڪوڙين ڳالهين ۾ نه آيو. اڪبر بادشاهه جي وفات کانپوءِ جڏهن جهانگير بادشاهه تخت نشين ٿيو ته درٻاري عالمن وجهه وٺي علامه شهيد ثالث بابت جهانگير بادشاهه جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ آخرڪار جهانگير جي حڪم سان درٻار جي عالمن سڪندر لوڌيءَ جي تعمير ڪرايل مسجد ۾ ڪائونسل جو اجلاس گهرائي، سيد نورالله شوستريءَ جي قتل جي فتويٰ جاري ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح 18 جمادي الثاني 1019هه/ 7 سيپٽمبر 1610ع تي علامه شهيد ثالث کي وڏي بيدرديءَ سان بيگناهه شهيد ڪيو ويو. علامه جي شهادت کانپوءِ سندس لاش آگري شهر ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هن وقت نهايت خوبصورت مقبرو جوڙيو ويو آهي.
سندس شهادت تي شاهجهان بادشاهه جي دور جي نامور بزرگ شاهه مظهرالحق ابو عبدالله محمد فاضل ترمذي اڪبر آباديءَ (متوفي 1060هه/ 1650ع) پنهنجي تاليف ‘مخبر الواصلين’ ۾ ڪيتريون ئي قطعه تاريخون چيون آهن، جن مان ٻه هتي ڏجن ٿيون:
مير نور الله عالي انتسباب،
زين زمانه بادل آگھ شده،
سال قتلش مظهرالحق زد رقم،
‘عدن جا ئي مير نورالله شده’
1019هه
هن قطع تاريخ جي ٻي مصرع ۾ ارڙهن حرف آهن، جن مان مراد 18 تاريخ آهي. ٽئين مصرع ۾ پهريان ٻه لفظ ‘سال قتلش’ ستن حرفن تي مشتمل آهن، جنهن مان مراد هفتي جو ستون ڏينهن جمعو آهي ۽ انهيءَ مصرع جي آخري ٻن لفظن ‘زد رقم’ ۾ پنج حرف آهن، جنهن مان مراد پنجون مهينو جمادي الثاني آهي.
هڪ ٻي ماده تاريخ هيئن آهي:
مير عالي جناب نورالله،
بود نيڪو خصال و نيڪ سرشت،
سال ترحيل آن شهيدِ خدا،
شد رقم‘نورِ ماهِ اوجِ بهشت
1019هه
شهيد ثالث جي مزار تي لڳل ڪتبي تي هيءَ تحرير اُڪريل آهي:
‘ظالمي اطفاي نورالله ڪرد،
قرة العين نبي را سر بُريد،
سال قتل حضرتش ضامن علي،
گفت ‘نورالله سيد شد شهيد’
1019هه
علامه شهيد ثالث سيد نورالله شوستريءَ پنهنجي 63 ورهين جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي تحقيقي ڪتاب لکيا، جن مان سوَن جي تعداد ۾ سندس تصنيفون گم ٿي ويون ۽ ڪي تصنيفون مختلف ماڻهن پنهنجن نالن تي ڪري ڇڏيون. تنهن هوندي به سندس 105 شاهڪار تصنيفون اڄ به دنيا جي مختلف وڏين لائبررين ۾ موجود آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
تفسير:
1. انس التوحيد في تفسير آيته العدل والتوحيد (عربي)
2. تفسير آيهء انما المشرڪون نجس (عربي)
3. تفسير آيهء رويا (عربي)
4. تفسير آيهء قال الملڪ اني اري سبع بقرات (عربي)
5. تفسير آيهء قال الملڪ اني اري سبع الايــٰھ (فارسي)
6. تفسير آيهء فمن يردالله ان يهديه بشرح صدرته للاسلام الخ (عربي)
7. ڪشف العوارفي تفسير آية الغار (عربي)
8. تفسير آيهء تطهير وردِ ڪلام فخر رازي متعلق به آيهء تطهير (مطبوعه)
9. حاشيهء تفسير بيضادي (فارسي)
10. حاشيهء ثاني بر تفسير بيضادي (فارسي)
فقھ:
1. تذهيب الاڪمام في شرح تهذِب الاحڪام (عربي)
2. غايته المرام شرح تهذيب الاحڪام (عربي)
3. حآشيه برقو احد الاحڪام علامه حلي رح (عربي)
4. حاشيه بر مختلف الشيعه فقه (عربي)
5. لمحه في صلواة الجمعه (عربي)
6. رساله في نجاسته الخمر (عربي)
7. رساله في مسئله الڪفارة (عربي)
8. رساله في غسل الجمعه (عربي)
9. رساله في مسئله لبس الحرير (عربي)
10. رد رساله ابن ابي عقيل و ابات مسلڪ فقها بمجرد ملاقات نجاست نجس شود (عربي)
11. رساله في تقدير الماء الڪثير الذي حڪم عليه الشارع باتطهير (عربي)
12. منتخب ڪتاب المحلي لابن حزم اندلسي فقھ اهلسنت (عربي)
13. رساله في ردما الضه تلميند ابن الهام في بيان اقتداء الحنفيه بالشافعيه فقھ اهلسنت (عربي)
14. حاشيه شرح وقايه (فقه اهلسنت: عربي)
15. حاشيه بر هدايته (عربي)
اصول فقھ:
1. حاشيه شرح تهذيب الاصول (عربي)
2. تعليقات بر شرح مختصر الاصول قاضي يحييٰ شافعي (عربي)
حديث و اذڪار:
1. شرح مقدمه المصابيح للبغوي (عربي)
2. عدة الابرار (عربي)
3. رساله در فضيلت عيد الشجاع (عربي)
ڪلام:
1. احقاق الحق (عربي)
2. مصائب النواصب (عربي)
3. صوارم مهرقه رد صواعق محرقه (عربي)
4. شرح اثبات واجب، جديد
5. شرح اثبات واجب، قديم (عربي)
6. حاشيه بر بحثِ عذاب قبراز شرحِ عقائد (عربي)
7. دافقه الشقاق والنفاق (عربي)
8. نهايته الاقدام (عربي)
9. رسالهء رفع القدر (عربي)
10. حل العقال (عربي)
11. البحر الغزير (عربي)
12. الذڪر الابقيٰ (عربي)
13. تحفة العقول (عربي)
14. موائد الانعام (عربي)
15. حاشيه بر رساله اجوبهء فاخره (عربي)
16. عشرهء ڪامله (عربي)
17. سبعهء سياره (عربي)
18. رساله درحقيقت عصمت (عربي)
19. رساله در رد شبهات شيطان (فارسي)
20. انموذج يا جلاليه (عربي)
21. اڪبر جي دور ۾ سندن نالي ممنون ڪيل (تاليف جو سال 992هه):
22. رساله رد مقدمات صواعق (عربي)
23. السحاب المطير (عربي)
24. حاشيه برمبحث امامت شرح تجريد (عربي)
25. شرح مبحث حدوث عالم ازانموذج دواني (عربي)
26. حاشيه برحاشيه خطائي (عربي)
27. رساله درردِ تصحيح ايمانِ فرعون (عربي)
28. رساله في ردرساله الڪاشي (عربي)
29. حاشيه بر رساله تحقيق ڪلام بدخشي (عربي)
30. رساله في روماڪتب بعضهم ني نفي عصمة الانبياء (عربي)
31. رساله في روشبهته في تحقيق العلم الالهــٰي (عربي)
32. حاشيه برمبحث معاد شرح تجريد (عربي)
33. النور الانور والنور الزهر في خفايارسالة القضادالقدر (عربي)
34. حاشيه الانموذج عليٰ مبحث عدوث العالم (عربي)
35. حاشيه الحاشيه القديمه علي شرح التجريد (عربي)
36. گوهر شاهوار (فارسي)
37. حاشيه علي شرح التجريد القوشجي عليٰ مبحث المعاد (عربي)
38. حاشيه علي شرح التجريد القوشجي عليٰ مبحث الامامة (عربي)
39. جواب اشلهء سيد حسن (فارسي)
40. اللطائف في بيان وجوب اللطف (عربي)
41. النظرالسليم (عربي)
42. حاشيهء شرح مواقف (عربي)
منطق:
1. حاشيه بر شرح شمسيه قطبي (عربي)
2. شرح بديع الميزان (عربي)
3. حاشيه برحاشيهء تهذيب ملا جلال (عربي)
4. حاشيه برحاشيهء جلاليه بر تهذيب المنطق (عربي)
فلسفه:
1. حاشيه برحاشيه قديمه (عربي)
2. حاشيه برحاشيه شرح تجريد (عربي)
3. حاشيه برالهيات شرح تجريد (عربي)
4. حاشيه ورد چپي بر شرح تجريد اصفهاني (عربي)
5. حاشيه قديمه (عربي)
6. رساله بيانِ انواع ڪم (عربي)
7. رساله في ان الوجوه لامثل لها (عربي)
8. حاشيه بر بحث اعراض شرح تجريد (عربي)
.9 حاشيه بر مبحثِ جواهر شرح تجريد (عربي)
10. شرح مبحث جواهر حاشيهء قديمه (عربي)
11. حاشيه ميبذي (عربي)
رياضي:
1. حاشيه بر شرح چغمني (عربي)
2. حاشيه بر تحريرِ اقليدس (عربي)
رجال:
1. مجالس المومنين (فارسي مطبوعه)
2. رساله اثبات تشيع سيد محمد نور بخش (فارسي مطبوعه)
3. رساله در ذڪر اسمائي رواة مخالفين (عربي)
4. حاشيه خلاصة الرجال علامه حلي رح (عربي)
صرف و نحو:
1. حاشيه بر شرح جامي (عربي)
2. رساله در تعريف ماضي (عربي)
3. رساله بحثِ تخدير (عربي)
معاني و بيان:
1. حاشيه بر مطوٰل (عربي)
ادب:
1. ديوانِ قصائد (ادب فارسي و عربي)
2. شرحِ خطبهء عضدي (عربي)
3. حاشيه خطبهء شرحِ مواقف (عربي)
4. رساله گل و سنبل (فارسي)
5. شرح رباعي شيخ ابو سعيد ابن ابي الخير (فارسي)
6. ديوانِ اشعار (فارسي)
7. ڪتاب منشآت (فارسي)
ادعيه:
1. شرح دعائي صباح اميرالمومنين (فارسي)
2. مجموعه ادعيه اوراد (عربي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو